شهاب الدين حڪيم

شهاب الدين حڪيم: حڪيم شهاب الدين سمن جي دور جو سنڌ جو نامور حڪيم ٿي گذريو آهي. هن ڪيترن ئي لامرض مريضن جا علاج به ڪيا. اڪثر نبض ڏسي مريض جو علاج ڪندو هو. پير حسام الدين راشدي پڻ کيس وقت جو نامور حڪيم ڪري لکيو آهي. هن طب بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا، جنهن ۾ ‘طب شفاالخاني’ ۽ ‘طب شهاب’ مشهور آهن. حڪيم شهاب الدين بابت نامور حڪيم ۽ شاعر نياز همايونيءَ ‘تاريخ '>سنڌ جي طبي تاريخ ’ ۾ لکيو آهي ته، حڪيم شهاب الدين جا طبي ڪتاب ‘طب شهاب’ ۽ ‘طب شفاالخاني’ مظفر شاهه گجرات جي والي جا پهريان علمي يادرگار آهن. طب شهاب منظوم آهي، جنهن ۾ ڪليات ۽ معالجات کي دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان جي اها خصوصيت آهي، ته منجهس درج ڪيل دوائون اڳ ۾ تجربي هيٺ آنديون ويون هيون. حڪيم شهاب الدين پنهنجي دور جي معاشري ۽ مريضن جي نفسيات جو خاڪو به پيش ڪيو آهي. هن وٽ هندو توڙي مسلمان هر طبقي جا ماڻهو علاج لاءِ ايندا هئا. حڪيم شهاب الدين ‘طب شفاء الخاني’ سلطان مظفر شاهه جي فرمائش تي 794هه ۾ تاليف ڪيو، جنهن ۾ عضون جي تشريح، انهن جا افعال ۽ پوءِ مرضن جا سبب ۽ علاج جا طريقا واضح ڪيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو